價格:免費
更新日期:2018-03-08
檔案大小:1.2M
目前版本:1.0
版本需求:Android 2.2 以上版本
官方網站:http://www.almujtaba14.com
Email:Alhussaini4alll@gmail.com
聯絡地址:Hyderabad, Sindh, Pakistan
معاشرو مختلف خاندانن جو مجموعو آهي، ننڍڙا ننڍڙا خاندان ملي ڪري معاشري کي جنم ڏيندا آهن. ان بنياد تي معاشري جي سلامتي ۽ ترقي جو دارومدار خاندانن جي ترقي تي آهي، اهو ئي معاشرو ترقي يافته هوندو جنهن جي ترقي ۾ سڀني خاندانن بلڪ افراد جو ڀاڱو هجي؛ نه ته ڪجھ ماڻهن جي ترقي ڪرڻ يا ڀلي ٿيڻ سان معاشري کي ڀلو ڪوٺي نه سگهبو.
اسلام جتي معاشري کي اهميت ڏني آهي؛ اتي خاندان کي به تمام گهڻي اهميت ڏني آهي. مثال طور رسول اڪرم صلي الله عليه و آله و سلم جن جو فرمان آهي: جيڪڏهن ڪا خوبصورت ۽ سهڻي عورت بري خاندان سان تعلق رکندي هجي ته ان سان شادي نه ڪريو؛ ڇو جو ان جو مثال گندگي تي پيدا ٿيندڙ ساوڪ وانگر آهي.
بهرحال هي ايپليڪيشن شادي جهڙي موضوع تي چاليھ حديثن بابت ٺاهي وئي آهي، جيئن اسان شادي جي اهميت، فضيلت ۽ آداب کان با خبر ٿي سگهون. اميد آهي ته اسان جي هي ڪاوش مومنن کي پسند ايندي ۽ نيڪ معاشري جي تعمير مفيد ثابت ٿيندي.